گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ آدمشماري وقتي طور ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

Nawaz meetingگڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ آدمشماري وقتي طور ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايل پي جي پاليسي 2015ع جي منظوري ڏيڻ سان گڏ ايل اين جي واري معاملي تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڏي وزير اي پي سي ۾ منظور ڪيل ٺهراءُ پيش ڪندي آدمشماري جو شيڊول تبديل ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جي وڏن وزيرن، سي سي آءِ جي ميمبرز ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايل پي جي پاليسي 2015ع جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت گهريلو سلينڊر 400 رپيا سستو ٿي ويندو.

اجلاس ۾بريفنگ ڏني وئي ته آدمشماري ڪرائڻ لاءِ 3 لک 70 هزار فوجي جوانن سڪيورٽي لاءِ لازمي آهن، پر پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل هئڻ سبب اهلڪار جون ذميواريون ڏيڻ کان معذرت ڪئي آهي.

سڪيورٽي نه ملڻ ۽ صوبن جي خدشن سبب مارچ ۾ رٿيل آدمشماري جو شيڊول تبديل ڪري 25 مارچ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٻيهر گهرايو ويو، جنهن ۾ صوبن جا خدشا ختم ڪرائڻ سميت ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي.

اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف ڪڇي ڪئنال ۾ بي ضابطگين جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سڪيورٽي سڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن بل جي منظوري ڏني وئي.

وڏي وزير قائم علي شاهه آدمشماري بابت ڪراچي ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ منظور ڪيل ٺهراءُ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ افغانين سميت 30 لک ماڻهن رهن ٿا، آدمشماري ۾ پرڏيهين جي ڌار ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي.

قائم علي شاهه چيو ته سنڌ جي معدنيات تي مقامي ماڻهن جو حق کسڻ ظلم آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*