پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين جو اعتراف

jun-karry-and-pak

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو سهڪار ضروري آهي، سرتاج عزيز چيو آهي ته ايف 16 جهاز ملڻ سان خطي ۾ استحڪام جي قيام ۾ مدد ملندي.

واشنگٽن ۾ پاڪ-آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين جي ڇهين دور ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز بريفنگ ڏني.

جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان به ساراهه جي لائق آهي، افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو سهڪار انتهائي ضروري آهي.

جان ڪيري چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ڪوششن سان پاڪستان ۾ توانائي وارو شعبو سگهارو ٿي رهيو آهي، آمريڪا پاڪستان ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسٽريٽجڪ ڳالهيون ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي جو ذريعو بڻيون آهن.

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

هن چيو ته امريڪا کان ايف 16 جهاز ملڻ سان دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ پاڪستان جي صلاحيتن ۾ واڌارو  ايندو ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*