پيٽرول 8 رپيا 48 پئسا، ڊيزل جي اگهه ۾ به 4 رپيا 48 پئسا في ليٽر لاٿ ٿي وئي

Petrol-Price

وزير اعظم نواز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 8 رپيا 48 پئسا لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ نوان اگهه لاڳو ٿي ويا آهن.

اوگرا تيل اگهن ۾ 8 رپيا 48 پئسا لاٿ جي سفارش ڪندي سمري وزير اعظم نواز شريف ڏانهن اماڻي هئي.

پي ايم هائوس ترجمان موجب وزير اعظم نواز شريف پاران سمري جي منظوري کانپوءِ پيٽرول 8 رپيا 48 پئسا، ڊيزل جي اگهه ۾ به  4 رپيا 48 پئسا في ليٽر لاٿ ٿي وئي آهي.

هاءِ آڪٽين 2 رپيا 98 پئسا، لائيٽ ڊيزل هڪ رپيو 97 پئسا ۽ گاسليٽ هڪ رپيو 66 پئسا سستو ٿي ويو آهي.

تيل اگهن ۾ لاٿ ٿيڻ سبب ڪراچي سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ تيل نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*