پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، شيخوپوره ۽ وهاڙي ۾ ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت

lasbilA-cool-weather

پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، شيخوپوره ۽ وهاڙي ۾ ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

شديد ڪوهيڙي سبب وهاڙي جي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته  کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي شخپوره ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڏهه گاڏيون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽  10 زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثا شديد ڪوهيڙي سبب پيش آيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*