سنڌ هاءِ ڪورٽ چوپائي مال واري کاتي جي آفيسرن کي ٻن هفتن اندر ترقي ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ چوپائي مال واري کاتي جي آفيسرن کي ٻن هفتن اندر ترقي ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ چوپائي مال واري کاتي جي آفيسرن کي ترقيون نه ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو 24 سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن پر کين ترقي نٿي ڏني وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءَ ڪورٽ 2014 ۾ کين ترقيون ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي به اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چوپالي مال واري کاتي ۾ آفيسرن جون 17 آساميون پيدا ڪري سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد چوپائي مال واري کاتي جي آفيسرن کي ٻن هفتن اندر ترقي ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*