لاڙڪاڻي ڀرسان چنگچي رڪشه ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ڀرسان چنگچي رڪشه ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ سکر ۾ ڪار جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر لڳڻ سبب 2 اسڪولي شاگرد زخمي ٿي پيا آهن.

لاڙڪاڻي ڀرسان قمبر روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان حبدار حسين ٿڏي تي فوت ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻيو نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سکر جي ايئرپورٽ روڊ تي ڪار جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾شاگرد زين الله ۽ ايمن زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*