ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان هڪ شخص جو هٿ پير ٻڌل ٻوري بند لاش هٿ آيو، ڪورنگي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

karachi-violence-claims-3-lives-rangers-arrest

ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان هڪ شخص جو هٿ پير ٻڌل ٻوري بند لاش هٿ آيو، ڪورنگي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

فيڊرل بي ايريا جي ڪريم آباد پل وٽان هڪ شخص جو هٿ پير ٻڌل ٻوري بند لاش هٿ آيو، جيڪو پوليس تحويل ۾ وٺي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب جوابدارن همراهه کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو، جڏهن ته سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

ڪورنگي جي بنگالي پاڙي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب صفوران چورنگي ويجهو قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو .

پاڪستان بازار  ۽ اتحاد ٽائون ۾ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب حراست ۾ ورتل ماڻهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*