نيب عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو سميت چئن جوابدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل

nab-logo-08

نيب عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو سميت چئن جوابدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، جن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ  ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

نيب ڪراچي  جي احتساب عدالت ۾ سيڪريٽري بدر جميل منڌرو ۽ سندس ٽن ساٿين شهباز سومرو، محمد فاروق ۽ فهيم الدين خلاف ريفرنس داخل ڪرايو آهي.

نيب  پاران داخل ڪرايل ريفرنس احتساب عدالت منظور ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ بدر جميل منڌرو ۽ سندس ٽن ساٿين تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

واضح رهي ته بدر جميل منڌرو ۽ شهباز سومرو عبوري ضمانت تي آهن ۽ ريفرنس ۾ ڄاڻايل 2 جوابدار فاروق ۽ فهيم الدين مفرور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*