اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن ۾ بدنظمي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي معافي ڏئي ڇڏي

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن ۾ بدنظمي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي معافي ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن دوران بدنظمي ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کين معافي ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن اعليٰ عملدارن جي چوڻ تي ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي.

ذريعن چيو ته اسلام آباد جي بلدياتي چونڊ ۾ خشڪ مس پيڊ وارو معاملي کي به جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ميڊيا تي غلط رپورٽنگ جو الزام مڙهيو ويو آهي.

واضح رهي ته مڪاني چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن هڪ پڌرائي ۾ 500 عملدارن جي ڪوتاهي ۽ غفلت ڪرڻ جو مظاهرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*