ميرپورخاص ويجهو زال ۽ مڙس جا گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ

Mirpur-Khas-map

ميرپورخاص ويجهو زال ۽ مڙس جا گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيا ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته بيروزگاري کان تنگ اچي ٻنهي ڄڻن پاڻ کي پنکي ۾ ٽنگي آپگهات ڪيو آهي.

جهلوري لڳ ڳوٺ سليمان نهڙي ۾ نوجوان سڌو ڪولهي ۽ سندس زال راڌا ڪولهي جا گهر اندر ڦاهو ڏنل لاش هٿ ڪيا ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ميرپوخاص جي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سڌو ڪولهي ۽ سندس زال جا گهر اندر پنکي ۾ ٽنگيل لاش مليا آهن، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ۽ سندس گهرواري ڪجهه وقت کان بيروزگاري سبب تمام گهڻو پريشان هئا، جنهن سبب هنن اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*