چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي

IG-Sindh-High-Court

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا 3 مارچ تي ڪيس جي ڪارروائي هلائيندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جنيد غفار تي ٻڌل ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻَي سميت 11 پوليس آفيسرن تي اڳ ئي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، ٻڌڻي 3 مارچ تي ٿيندي.

ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 2 ججز آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي هلائڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*