پنجاب ۾رينجرز پهرين ڪارروائي ڪندي پوليس ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري ڀارتي موبائل سمز ، جعلي پاسپورٽ ۽ منشيات هٿ ڪري ورتا

karachirangras25-8

پنجاب ۾رينجرز پهرين ڪارروائي ڪندي پوليس ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري ڀارتي موبائل سمز ، جعلي پاسپورٽ ۽ منشيات هٿ ڪري ورتا آهن.

لاهور جي باڙه پور واري علائقي ۾ رينجرز هڪ گهر تي ڇاپو هڻي پوليس ڪانسٽيبل نديم کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ذريعن موجب، ڪارروائي دروان جوابدار جي گهر مان ڀارتي موبائيل سمز، 6 جعلي پاسپورٽس ۽ 3 ڪلو  گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.

رينجرز جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ منشيات ايڪٽ، جعلسازي سميت مختلف قلم لڳايا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار کي جاچ لاءِ  اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*