سنڌ حڪومت 19 يونيورسٽيز لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جاري ڪري ڇڏي

Apex-Sindh-Qaim-2-12

سنڌ حڪومت 19 يونيورسٽيز لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، سمورين يونيورسٽيز کي 10-10 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.

سنڌ جي ناڻي واري وزارت جي سفارش تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ جي 19 يونيورسٽيز ۽ ٻين تعليمي ادارن لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي آهي.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظيرآباد، اين اِي ڊي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، قائد عوام يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سميت ٻين يونيورسٽي کي 10-10 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*