حڪومت ملڪي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اسلام آباد جي ميئر سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو:وزير اعظم

nawaz
وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اسلام آباد جي ميئر سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.
پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان اسلام آباد جي چونڊيل ميئر شيخ انصر ملاقات ڪئي.
ملاقات دروان اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ميئر پاران وزيراعظم کي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف شيخ انصر کي اسلام آباد جو ميئر چونڊجي تي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته راڄڌاني ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.
وزير اعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت اسلام آباد ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪندي، ان حوالي سان ميئر سان به ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*