اليڪشن ڪميشن ڪراچي اليڪشن ٽربيونل جي سربراهه جي تبديلي بابت قائم علي شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جي سربراهه جي تبديلي بابت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جي سربراهه ظفر احمد شيرواڻي جي تبديلي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران خيرپور جي سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 29 تي هارايل اميدوار سيد غوث علي شاهه ۽ وڏي وزير جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيا.

وڏي وزير جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته ظفر احمد شيرواني پيپلزپارٽي خلاف تعصب رکي ٿو، تنهن ڪري کيس تبديل ڪري غير جانبدار ٽربيونل جي سربراهه کي مقرر ڪيو وڃي.

سيد غوث علي شاهه چيو ته ساڳي ئي اليڪشن ٽربيونل، پ پ جي حق ۾ 6 فيصلا ڏنا آهن، ان ڪري وڏي وزير جي درخواست رد ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن، ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ وڏي وزير جي اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جي سربراهه جي تبديلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*