بلوچستان هاءِ ڪورٽ، امتحان جي اجازت نه ملڻ تي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي واري ڪيس ۾ پرنسپال ۽ ڪلرڪ جي ضمانت منظور

balochistan-highi-court

بلوچستان هاءِ ڪورٽ، امتحان جي اجازت نه ملڻ تي آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي واري ڪيس ۾ پرنسپال ۽ ڪلرڪ جي ضمانت کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن قائم ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم باغ ۾ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي ثاقبه جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران قتل ڪيس ۾ نامزد پرنسپال عابده غوث ۽ ڪلارڪ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي.

عدالت پرنسپال عابده غوث ۽ ڪلرڪ جي 50-50 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

هاءِ ڪورٽ شاگردياڻي جي آپگهات واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي آهي، جيڪا مهيني اندر رپورٽ پيش ڪندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*