پشاور سانحي کانپوءِ حڪومت قيدين کي ڦاهي تي لٽڪائڻ لاءِ مشاورت تيز ڪري ڇڏي نواز شريف ۽ چوڌري نثار ۾ ملاقات

پشاور سانحي کانپوءِ حڪومت، موت جي سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي لٽڪائڻ لاءِ مشاورت تيز ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ۽ چوڌري نثار ڌار ڌار ملاقاتون ڪري اهم معاملن تي مشاورت ڪئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف، ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پشاور سانحي ۽ ملڪ ۾ امن امان جـِي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي رحم واريون اپيلون رد ڪرڻ کانپوءِ واري معاملي تي ، جڏهن ته وزيراعظم سياسي پارٽي جي اجلاس ۾ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ بابت پڻ صدر کي اعتماد ۾ ورتو.

ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري موت جي سزا ٻڌايل قيدين واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون.

ذريعن موجب، چوڌري نثار ملڪ جي امن امان جي مجموعي صورتحال بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جون رحم واريون اپيل رد ٿيڻ بعد گهرو وزارت جي ڪردار بابت پڻ مشاورت ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*