اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي:شاهد آفريدي

shahid-afridi

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جنهن بعد ٽيم کي فتح ملي سگهي ٿي.

بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته ميگا ايونٽ ۾ ٽيم جي ٽاپ آرڊر بيٽنگ ناڪام ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ميچ ۾ هر صورت ۾ ٽيم کي ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي، جنهن بعد ٽيم فائنل جي ڊوڙ ۾ موجود رهندي، شڪست جي صورت ۾ ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.

شاهد آفريدي جو چوڻ هوته ڀارت خلاف سموري بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام رهي، جڏهن ته يو اي ايِ خلاف به شروع وارا ٽئي بيٽسمين جلد آئوٽ ٿيا.

هن چيو ته يو اي ايِ خلاف شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل سٺي بيٽنگ ڪئي ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته ٻيا بيٽسمين به سٺي ڪارڪردگي جومظآهرو ڪندا.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي 8 ٽي-ٽوئنٽي ميچز ٿي چڪيون آهن، جن مان 7 ميچز ۾ قومي ٽيم کي فتح ملي، جڏهن ته هڪ ميچ ۾ فتح بنگلاديش جو مقدر بڻي.

 واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ اهم ميچ اڄ کيڏي ويندي، شڪست جي صورت ۾ قومي ٽيم ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*