ملير جي عيدو ڳوٺ پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد تعليم واري وزير نوٽيس ورتو

nisar-khoroملير جي عيدو ڳوٺ پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد تعليم واري وزير نوٽيس وٺندي ڊائڪٽر ايجوڪيشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن کي  بند ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

عيدو ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ سهولتون نه هئڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ کانپوءِ تعليم واري وزير نثار کهڙي معاملي جو نوٽيس ورتو.

تعليم واري وزير ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کي اسڪول جو دورو ڪري 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پي ٽي آِءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ عيدو ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو دورو ڪري استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي.

  حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ سهولتن کي کوٽ پيدا ڪري اسڪولن کي بند ڪرايو پيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت نياڻين کي بهتر تعليم ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري ٿي، پر ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ٻارڙن لاءِ فرنيچر به موجود ناهي.

حليم عادل شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ ڪي به جوڳا بندبست ناهن ڪيا………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*