سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿر جي صورتحال بابت چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت درخواست اڪلائيندي معاملي جي جاچ لاءِ نئين ڪميشن بابت رپورٽ طلب

sindh-highi-court-thar-issu

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿر جي صورتحال بابت چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت درخواست اڪلائيندي معاملي جي جاچ لاءِ نئين ڪميشن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

           سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سماجي تنظيم پائلر جي درخواست تي ٿر جي صورتحال بابت ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عدالت پاران ٿر صورتحال بابت ڪميشن قائم ڪرڻ واري حڪم تي سنڌ سرڪار پاران هيل تائين عمل ناهي ڪيو ويو.

             سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو  ڪيو. عدالت پاران ڏنل وقت تي چيف سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيندي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار پاران ٿر بابت جوڙيل ڪميشن ختم ڪئي وئي آهي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٿر بابت نئين ڪميشن لاءِ نالا عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.

عدالت  چيف سيڪريٽري پاران ٿر بابت ڪميشن لاءِ آگاهي ڏيڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*