سپريم ڪورٽ، بلوچستان جي تڪ اين اي 267 تي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Court pakistan 7-7-15

سپريم ڪورٽ، بلوچستان جي تڪ اين اي 267 تي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نواز ليگ ايم اين اي خالد مگسي جي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، ايم اين اي خالد مگسي جي اپيل خارج ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ،قومي اسيمبلي جي تڪ267 تي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته آزاد اميدوار عبدالرحيم ڌانڌلي جي بنياد تينواز ليگ ايم اين اي خالد مگسي جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*