وزير اعظم نواز شريف عورتن جي خودمختاري بابت پاليسي ٺاهڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

Nawaz-Sharif-15-1وزير اعظم نواز شريف عورتن جي خودمختاري بابت پاليسي ٺاهڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 5 مارچ تائين سفارشون پيش ڪندي.

پي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزير اعظم نواز شريريف عورتن جي خودمختاري بابت پاليسي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير زاهد حامد، سائره افضل تارڙ، انوشه رحمان، خواجه ظهير ۽ شائستا پرويز ملڪ، محمد اڪرم بخاري ۽ ٻيا شامل آهن.

ترجمان موجب، ڪميٽي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ڏيهي پرڏيهي قانون موجب مثبت حڪمت عملي تيار ڪندي، جڏهن ته وزير اعظم پاران جاري دستاويز کي ريفرنس طور استعمال ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي هدايت تي ڪميٽي سفارشون تيار ڪري 5مارچ تي پيش ڪندي.

واضح رهي ته شرمين عبيد چناءِ سان ملاقات کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف عورتن جي حقن جي تحفظ بابت واضح پاليسي جوڙڻ جو فيصلو  ڪيو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*