سنڌ هاءِ ڪورٽ اِي ڊي او ايجوڪيشن ائنڊ لٽريسي ممتاز علي شيخ جي عبوري ضمانت ۾ 16 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ اِي ڊي او ايجوڪيشن ائنڊ لٽريسي ممتاز علي شيخ جي عبوري ضمانت ۾ 16 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي، نيب وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پير مظهر الحق، ممتاز شيخ ۽ ٻين تعليم کاتي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ جعلي ڀرتيون ڪيون، جنهن سبب حڪومت کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ اي ڊي او تعليم ۽ لٽريسي ممتاز علي شيخ جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پيرمظهر ۽ ممتاز شيخ تعليم کاتي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ جعلي ڀرتيون ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي، جنهن بابت جاچ هلي رهي آهي.

عدالت نيب کي درخواستگذار خلاف وڌيڪ شاهديون ڏيڻ جي هدايت ڪندي اي ڊي او ممتاز شيخ جي عبوري ضمانت ۾ 16 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*