سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد فاروق شاهه ايگزيڪٽ ڪمپني جي 7 ملازمن جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

sindh-highi-court11-8سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد فاروق شاهه ايگزيڪٽ ڪمپني جي 7 ملازمن جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪيس جو فائل چيف جسٽس ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد محمد فاروق شاهه جعلي ڊگرين جي وڪري واري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي نامزد 7 ملازمن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جسٽس فاروق محمد شاهه جي ٻڌڻي کان انڪار کانپوءِ ڪيس جو فائل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه ڏانهن اماڻيو ويو.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 2 ججز اڳ ئي ايگزيڪٽ ڪمپني جي ملازمن جي درخواستن تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*