ماڻهو جنازن تي گل رکندا آهن پر اسان پنهنجي گلن جو ئي جنازو پڙهيو امير جماعت اسلامي سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق  پشاور سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ماڻهو جنازن تي گـُل رکندا آهن پـَر اسان پنهنجي گلن جو ئي جنازو پڙهيو، مري به اسان رهيا آهيون ۽ بدنام به  ٿيون پيا.

راولپنڊي ۾ ڊِسٽرڪٽ بار کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پشاور سانحي سانحي تي هـَر اک آلي ۽ هر دل ڏکايل آهي.

هن چيو ته اهڙو ماحول جوڙيو ويو آهي ته اسان مري به رهيا آهيون ۽ دنيا ۾ بدنامي به اسان جي ئي ٿئي پئي.

سراج الحق چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هڪ آواز بڻجي ئي دهشتگردي جهڙي ناسور خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته عمران خان پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا، دير سان ئي صحيح پر اسان صحيح رستي ڏانهن وڃون پيا.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي خاتمي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ن ليگ پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ وک وڌائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*