ٻارڙن سان جنسي زيادتي توڙي غير اخلاقي وڊيو ٺاهيندڙ 7 کان 10 سال قيد ڀوڳيندو، بل منظور

senate

سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارڙن جي حقن جي تحفظ بابت فوجداري قانون ۾ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارڙن سان جنسي زيادتي توڙي غير اخلاقي وڊيو ٺاهيندڙ 7 کان 10 سال قيد ڀوڳيندو.

سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سنيٽر نسرين جليل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻارڙن جي حقن بابت فوجداري ترميمي بل جي منظوري ڏني وئي.

وفاقي وزير زاهد حامد ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٻارڙن جي غير اخلاقي وڊيو ۽ تصويرون ٺاهيندڙ 2 کان ست سال جيل ڀوڳي سگهندو.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته ٻارڙن جي انساني اسمگلنگ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 5 کان ست سال قيد جي سزا ملندي.

بئريسٽر ظفر الله چيو ته چيو ته قصور اسڪينڊل کي نظر ۾ رکندي ٻارڙن جي تحفظ واري قانون ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي.

اسٽينڊنگ ڪميٽي قبائلي علائقن ۾ 2008 کان 2011 تائين فورسز جي ڪارروائين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*