ڀان سيد آباد ويجهو لنڪ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

bhan-saed-abad-protest

ڀان سيد آباد ويجهو لنڪ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڇني کان ڀان سيد آباد ويندڙ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن خادم حسين پنهور، محبوب پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته ڇني ڀان لنڪ روڊ تان ريتي سان ڀريل وڏا ٽرڪ گذرڻ سبب روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي.

هنن چيو ته روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ حادثا به معمول بڻجي ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيوته روڊ جو جلد مرمتي ڪم شروع ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*