شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي فهرست پيش ڪئي وئي

پنجاب ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي سزا تي عملدرآمد لاءِ 24 ڪلاڪن اندر بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ اڍائي سئو قيدين کي ڦاهي تي ٽنگيو ويندو، پهرين ڦاهي فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ ڏني ويندي.

سول سيڪريٽريٽ لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ آءِ جي جيل سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي فهرست پيش ڪئي وئي، جڏهن ته موت جي سزا ٻڌايل قيدين جي ڦاهي تي فوري عملدرآمد شروع ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي اندر ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي سزا تي عملدرآمد فوري طور تي شروع ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن اندر بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، پهرين مرحلي اندر موت جي سزا ٻڌايل اڍائي سئو قيدين کي ڦاهي تي ٽنگيو ويندو ۽ پهرين ڦاهي فيصل آباد جي جيل ۾ ڏني ويندي، جڏهن ته ٻي آپشن طور لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل کي رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب، فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ پرويز مشرف تي  حملا جا دهشتگرد قيد آهن، جڏهن ته ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ ڀارتي دهشتگرد ۽ ٻيا موت جي سزا ٻڌايل قيدي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*