اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ، آصف زرداري ڪيس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تي نيب کي دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت

asif-zardari

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ، آصف زرداري جي ٻن ريفرنسز ۾ بريت بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تي نيب کي دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي 2 رڪني بينچ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر ڪيس جي تياري لاءِ عدالت کان مهلت گهرندي دليل ڏنا ته ٻنهي ريفرنسز بابت رڪارڊ پيش ڪيو ويندو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته آصف زرداري جي ٻن ريفرنسز ۾ بريت بابت احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هاءِ ڪورٽ نيب جي اهڙي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته احتساب عدالت، آي آر وائي گولڊ ۽ ارسس ٽريڪٽر ريفرنسز ۾ ثبوت ملڻ تي آصف زرداري کي بريف ڪري ڇڏيو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*