افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ ڀارتي قونصخاني تي آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

afghan

افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ ڀارتي قونصخاني تي آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، افغان فورسز ڪارروائي ڪري چئن هٿياربندن کي ماري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب اڄ منجهند ڌاري دهشتگردن جي ٽولي جلال آباد ۾ ڀارتي قونصليٽ تي حملو ڪيو، هڪ بمبار پاڻ کي قونصليٽ جي عمارت ويجهو ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ گرنيڊ عمارت جي احاطي ۾ اڇلايو ويو.

بم ڌماڪي کانپوءِ 4 هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن دوران افغان فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي آپريشن ڪندي چئني هٿياربندن کي ماري ڇڏيو.

ڀارتي پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري وڪاس سوارپ جو چوڻ آهي ته جلال آباد قونصليٽ کي دهشتگردن نشانو بڻايو پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

ڀارتي قونصليٽ  جي ڀرسان ئي پاڪستاني قونصل خانو به آهي ته علائقي ۾ ٻين ملڪن جا قونصليٽ ۽ سفارتي مشن به آهن.

جنوري ۾ جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو هو، جنهن جي ذميواري داعش قبول ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*