حڪومت ترقياتي رٿائن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي: نواز شريف

pm-nawaz

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ترقياتي رٿائن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، توانائي بحران تي ضابطي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ نيلم جهلم منصوبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار، پاڻي ۽ بجلي وزارت سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ عملدارن پاران وزير اعظم نواز شريف کي نيلم جهلم منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف منصوبو وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته توانائي رٿائون مڪمل ڪري ملڪ مان اندهيرن جو  ختم آندو ويندو.

هن چيو ته حڪومت سنڀالي ته نيلم جهلم منصوبي جو ڪم دير جو شڪار هو، نواز ليگ سرڪار منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.

نواز شريف چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪوتاهين جي بار نواز ليگ سرڪار تي وڌو ويو، ماضي ۾ جيڪڏهن ڪم ٿين ها ته اڄ پاڪستان جي صورتحال تبديل ٿيل هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*