سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀي گم ڪرڻ بعد قتل ڪيل سرويچ پيرزادو جو ڪيس سندس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ، کنڀي گم ڪرڻ بعد قتل ڪيل سرويچ پيرازدو جو ڪيس سندس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي، عدالت چيو آهي ته 2 هفتن اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي سرويچ جو ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيو ته نوجوان کي اغو ابعد قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي سببن تحت نوجوان کي اغوا بعد قتل ڪيو ويو.

عدالت ڊي آءِ جي ڊکڻ کي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 2 هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت پاران نوجوان جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ به سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*