جسٽس احمد علي شيخ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

sindh-highi-court-half

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه  جي عمري جي سعادت لاءِ روانگي کانپوءِ   جسٽس احمد علي شيخ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي.

جسٽس احمد علي شيخ کي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻائڻ واري تقريب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ٿي، جنهن دوران سينئر جج جسٽس عرفان سعادت کيس حلف کڻايو .

جسٽس احمد علي شيخ کي حلف کڻائڻ واري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر ۽ رٽائرڊ ججز سميت وڪيلن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جسٽس احمد علي شيخ چيف جسٽس جي ڏيهه واپسي تائين ذميواريون نڀائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*