سنڌ هاءِ ڪورٽ لائينز ايريا ريسيٽلمينٽ پراجيڪٽ ڪيس جي جوابدار عطا عباس زيدي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ لائينز ايريا ريسيٽلمينٽ پراجيڪٽ ڪيس جي جوابدار عطا عباس زيدي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نيب عملدارن کيس عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ عطا عباس زيدي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد لائينز ايريا ريسيٽلمينٽ پراجيڪٽ ڪيس جي جوابدار عطا عباس زيدي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ نيب عملدارن کيس عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.
ساڳي ڪيس ۾ نامزد جوابدار فريد يوسفاڻي سميت ٻيا جوابدار گرفتار ٿيل آهن.