قومي اسيمبلي جي استحقاق واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ پراسڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ڪميٽي چيئرمين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

pakistan Nation Assembly

قومي اسيمبلي جي استحقاق واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ نواز ليگ ايم اين اي رميش ڪمار جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي پراسڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ڪميٽي چيئرمين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، جڏهن ته ڪميٽي شيخ رشيد کي ڪينيڊا وڃڻ کان روڪڻ تي پرڏيهي وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

قومي اسيمبلي جي استحقاق بابت ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين اسد الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شيخ رشيد کي ڪينڊا وڃڻ کان روڪڻ ۽ نواز ليگ ايم اين اي رميش ڪمار جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ وارن معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ رميش ڪمار جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ واري معاملي تي ڪميٽي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ جي پراسڪيوٽر جنرل کان سوال ڪيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟.

سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل ڪميٽي چيئرمين جي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ تي اعتراض واريندي چيو ته توهان جو آواز پهچي رهيو آهي، صوبي جو پراسڪيوٽر جنرل آهيان، اهڙي طريقي سان نه ڳالهايو وڃي.

ڪميٽي چيئرمين اسد الرحمان پراسڪيوٽر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته توهان تميز سان ڳالهايو، پراسڪيوٽر جنرل ڪو وڏو ناهي هوندو.

ڪميٽي چيئرمين ۽ پراسڪيوٽر جنرل سنڌ وچ ۾ ڏند چڪ بعد ڪميٽي رميش ڪمار جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي ڪينيڊا وڃڻ کان روڪڻ تي  ڪميٽي چيئرمين ۽ سيڪريٽري سول ايوي ايشن وچ ۾ به سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

سيڪريٽري سول ايوي ايشن چيو ته امريڪا سان معاهدو ٿيل آهي، جيڪڏهن معاهدي تحت مسافرن جا  تفصيل امريڪا کي نه ڏنا ويا ته پاڪستان کي اڏامن جي اجازت ناهي ملندي.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته امريڪا شاهه رخ خان کي ايئرپورٽ تي روڪڻ تي معافي وٺي سگهي ٿو ته شيخ رشيد کان ڇو نه ٿي معافي وٺي سگهجي.

ڪميٽي هدايت ڪئي ته امريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مسافرن تي سفري پابندي واري معاهدي جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته هي ڪهڙو معاهدو آهي، آمريڪا 3 ماڻهو ماريندڙ ريمنڊ ڊيوس کي واپس وٺي ويو پر اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي کي واپس ناهيون آڻي سگهيا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*