پاڪستان پيپلزپارٽي ايشيا ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو

islamabadnationalassemblyi0

پاڪستان پيپلزپارٽي ايشيا ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي جي ايم اين ايز عمران ظفر لغاري ، نعمان اسلام، شبير بجاراڻي، شازيه مري پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو ويو.

ڌيان ڇڪايو نوتيس ۾ چيو ويو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ايشيا ڪپ ۾ڪارڪردگي سان ملڪ جي تذليل ۽ لکين ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي.

 پ پ اڳواڻن چيو ته قومي ٽيم جي بدترين شڪست جا ذميوار رانديگر ۽ انتظاميه آهن، بورڊ ۾ ويٺل نااهل ۽ اڻ تجربيڪار ماڻهن کي هٽايو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن بنگلاديش پاڪستان کي شڪست ڏني هئي، جنهن بعد قومي ٽيم فائنل جي دوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*