پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽرز پاران ڀاڙا نه گهٽائڻ خلاف ٺارو شاهه ۾ احتجاجي مظاهرو

tharoshah

پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي باوجود ٽرانسپورٽرز پاران ڀاڙا نه گهٽائڻ خلاف ٺارو شاهه ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪندي حڪومت کان ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

ٺارو شاهه جي شهرين عبداللطيف سولنگي، ذوالفقار ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ ڪئي آهي، پر ٽرانسپورٽرز ڀاڙا گهٽائڻ  لاءِ تيار ناهن، جيڪا عوام سان نا انصافي آهي.

هنن چيو ته تيل اگهن ۾ معمولي واڌ ٿيڻ تي ٽرانسپورٽرز پنهنجي من ماني ڪندي ٻيڻ تي ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ حڪومت به انهن خلاف ڪارروائي نه ڪندي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته  پيٽرول اگهه ۾ لاٿ باوجود ڀاڙا نه گهٽائيندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي رليف ڏياريو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*