ٽنڊو الهيار ۾ پوليس پاران نوجوان کي گرفتار ڪري مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ڳوٺاڻن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

tando-allayar-protest

ٽنڊو الهيار ۾ پوليس پاران نوجوان کي گرفتار ڪري مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ڳوٺاڻن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ گولو هاليپوٽو جي رهواسين ٽنڊو الهيار ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نوجوان علي اصغر عباسي کي گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هنن چيو ته پوليس بيگناهه نوجوان کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ بيهوشي واري حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪري وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*