وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين، صدر ممنون حسين دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ۽ وزيراعظم چيو آهي ته ٻارڙن کي دهشتگردن جي رحم تي نٿو ڇڏي سگهجي، دهشتگردن جو هر هنڌ پيڇو ڪيو ويندو.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان صدر ممنون حسين ملاقات ڪئي، جنهن دوران موت جي سزا ٻڌايل قيدين جي رحم واري اپيلن تي غور ڪيو ويو.

ملاقات دوران پشاور سانحي ۽ ملڪ ۾ امن امان جـِي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته وزيراعظم سياسي پارٽي جي اجلاس ۾ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ بابت پڻ صدر کي اعتماد ۾ ورتو.

 ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم، دهشتگردن خلاف فيصلي ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي، ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مستقبل جي معمارن کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.

وزيراعظم ۽ صدر اتفاق ڪيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب جاري رکيو ويندو، جڏهن ته  پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران موت جي سزا ٻڌايل قيدين جي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*