لاڙڪاڻي ۾ ٻنهي ڄنگهن کان معذور نينگر جي پيءُ احتجاج ڪندي پٽ جي علاج لاءِ سرندي وارن کان واهر جي اپيل

larkana

لاڙڪاڻي ۾ ٻنهي ڄنگهن کان معذور نينگر جي پيءُ احتجاج ڪندي پٽ جي علاج لاءِ سرندي وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.

ايوب ڪالوني جي رهواسي پورهيت پنهنجي 9 ورهين جي معذور نينگر رحمان مڱڻهار سميت پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پورهيت جو چوڻ هو ته سندس پٽ جون ٻئي ڄنگهون سڪي ويون آهن، جنهن ڪري هو هلڻ، ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي.

هن چيو ته پٽ جي علاج لاءِ هن گهر جو الهه تلهه کپائي ڇڏيو آهي، پر رقم پوري نه ٿيڻ ڪري درست نموني علاج نه ٿي سگهيو آهي.

پورهيت سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي علاج لاءِ سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*