ميرپور ماٿيلي ويجهو لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هٿيار بندن گهر تي حملو ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

mirpurmathilo

ميرپور ماٿيلي ويجهو لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هٿيار بندن گهر تي حملو ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ يارو لنڊ ۾ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿيار بندن گهر تي حملو ڪري نوجوان ثابت علي لنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ هو ته لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*