سڀني کي خبر آهي ته الطاف حسين جا را سان لاڳاپا آهن: مصطفيٰ ڪمال

mustfa-kamal

ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم متحده کان راهون جدا ڪندي انيس قائم خاني سان گڏ ڌار سياسي سفر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، الطاف حسين مٿان سنگين الزام،

سڀني کي خبر آهي ته الطاف حسين جا را سان لاڳاپا آهن: مصطفيٰ ڪمال

الطاف حسين اسان جا نسل تباهه ڪري ڇڏيا آهن ، هو ايترو شراب پيئندو آهو جو هن کان ڏينهن ۽ رات جو فرق وسري ويندو هو ، هن کي ڪارڪنن جي جان جي ڪا به پرواهه ناهي ، الطاف جي لاءَ دشمن پيدا ڪيا پر ڪو به قدر نه ٿيو
مصطفا ڪمال ۽ انيس قائم خاني جي پريس ڪانفرنس

 ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ذميوارن کي فوري طور نائين زيرو طلب ڪيو ويو، متحده ايم اين اي علي رضا عابدي چيو آهي ته مصطفي ڪمال جي پريس ڪانفرنس چوڌري نثار جو آخري ڪارڊ آهي، جيڪو به ناڪام ٿيندو، ايم ڪيو ايم جون مخالف پارٽيون اڳواٽ ئي آهن، هڪ وڌيڪ مخالف پارٽي ٺهڻ سان به ڪو فرق نه پوندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*