نامعلوم ماڻهن جو ٻڌو هو پر هاڻي نامعلوم پارٽي به سامهون اچي وئي آهي:ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا

shaila-raza-

سنڌ اسيمبلي جـِي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته نامعلوم ماڻهن جو ٻڌو هو پر هاڻي نامعلوم پارٽي به سامهون اچي وئي آهي، مصطفيٰ ڪمال جو هوم ورڪ سٺو نه هو، عدالتون ثبوتن جي بنياد تي فيصلا ڏينديون آهن، رڳو الزامن ڪافي نه آهن.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهلا رضا چيو ته ماضي ۾ به قرآن پاڪ مٿي تي رکي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جڏهن ته ضياءُ الحق جي دور ۾ فرقن ۽ زبانن جي بنياد تي به پارٽيون به ٺاهيون ويون.

هـُن چيو ته رحمان ملڪ مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي رد ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن ادارا سمجهن ٿا ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن ۾ سچائي آهي ته پوءِ انهن کي فوري طور تي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي.

شهلا رضا چيو ته مصطفيٰ ڪمال جو هوم ورڪ سٺو نه هو، الزام اڳ به لڳندا رهيا آهن، الزامن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت پيش ڪيا وڃن، عدالتون به بنا ثبوتن جي فيصلو ناهن ڏينديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهلا رضا چيو ته قومي جهنڊي کي پارٽي جو جهنڊو نٿو بڻائي سگهجي، نامعلوم ماڻهو ته ٻڌا هئا پر هاڻي نامعلوم پارٽي به سامهون اچي وئي آهي.

شهلا رضا وڌيڪ چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن مان لڳي رهيو آهي ته گاني جي ڌُن تيار ٿي وئي آهي پر ٻول اڃا  تيار ٿي رهيا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*