ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جلد کان جلد جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي ويندي احسن اقبال

وفاقي سرڪار، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جي آجيان ڪري ڇڏي آهي، احسن اقبال چيو آهي ته ڌرڻو ختم ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته حڪومت ڳالهين کان پوئتي هٽندي، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جلد کان جلد جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميديا سان ڳالهائيندي رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ڪا به پارٽي اڪيلي سر ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، دهشتگردي، غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم متحد آهي، پشاور سانحي تي هر اک آلي آهي، واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته عمران خان پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جي هـُو آجيان ڪن ٿا، ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته حڪومت ڳالهين کان پوئتي هٽندي.

وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جلد کان جلد قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*