شهباز شريف جي پرڏيهي دوران خلاف درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي درخواستگذار کي تصديق ٿيل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم

Lahore High Court

لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي پرڏيهي دوران خلاف درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي درخواستگذار کي تصديق ٿيل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد، پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل شيراز ذڪا دليل ڏيندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي بلا جواز پرڏيهي دورن سان قومي خزاني کي نقصان پهتو آهي.

وڪيل قانون نقطو اٿاريندي چيو ته آئين تحت آڊيٽر جنرل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پرڏيهي دورن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو پابند آهي پر آڊيٽر جنرل پنهنجي آئيني ذميواري پوري ناهي ڪئي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آڊيٽر جنرل کي پنجاب جي وڏي وزيرن جي دورن جا تفصيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏيندي درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته درخواست سان گڏ تصديق ٿيل دستاويز لڳايا وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*