ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي گذريل رات اغوا ڪيل ٻن ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

police-operation

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي گذريل رات اغوا ڪيل ٻن ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي موجب وڌيڪ هڪ مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي.

ڪنڌڪوٽ، ڪمشور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس وڏن اٽالن سان  ايس ايس پي عمر طفيل جي اڳواڻي ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي.

 ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران گذريل رات بخشاپور جي حد مان اغوا ڪيل ٽرڪ ڊرائيور عبدالستار انصاري ۽ عمر فاروق راجپوت کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جيڪي پنجاب جي علائقي ٽوبا ٽيڪسن جا رهواسي آهن.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿياربندن هٿان اغوا ڪيل گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ملازم محمد ڪلهوڙو  جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*