راولپنڊي جي بينطير ايئرپورٽ تي ٽائر ڦاٽڻ سبب خانگي ڪمپني جو جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو

airblue

راولپنڊي جي بينطير ايئرپورٽ تي ٽائر ڦاٽڻ سبب خانگي ڪمپني جو جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو، جڏهن ته سمورا مسافر به محفوظ آهن.

اييرپور ذريعن موجب، ڪراچي کان راولپنڊي ايندڙ خانگي ڪمپني جي جهاز جو لينڊنگ دوران ٽائر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.

راولپنڊي ايئرپورٽ انتظاميا جو چوڻ آهي ته جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو، جڏهن ته سمورا مسافر به محفوظ آهي.

ذريعن چيو آهي ته ايئرپورٽ انتظاميا معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان مسافرن کان به بيان ورتا ويندا.

واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ به لاهور ايئرپورٽ تي خانگي ڪمپني جو جهاز هڪ وڏي حادثي کان بچي ويو هو، جنهن جي پائيلٽ تي نشي جي حالت ۾ جهاز اڏائڻ جو ڪيس هلندڙ آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*