روڊن تي گشت وڌائڻ سان گڏوگڏ چيڪنگ واري عمل کي مضبوط بڻايو وڃي،صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال پوليس کي الرٽ رهڻ جون هدايتون

Sohail Anwar Siyal

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال پوليس کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته روڊن تي گشت وڌائڻ سان گڏوگڏ چيڪنگ واري عمل کي مضبوط بڻايو وڃي، غلفت ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال پوليس کي سڪيورٽي جي حوالي سان سخت اپاءَ وٺڻ، روڊ رستن تي گشت وڌائڻ ۽ چيڪنگ واري عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*