سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر، اياز سومرو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي نوٽيس جاري ڪندي 24 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو

Sindh High Court Karachi

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ ڏنل پئڪيج ۾ 12 ارب رپين جي ڪرپشن واري درخواست تي پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر، اياز سومرو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي نوٽيس جاري ڪندي 24 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ لاڙڪاڻي جي ترقياتي پئڪيج ۾ 12 ارب رپين جي ڪرپشن بابت  لاڙڪاڻي جي شهري بشير ڪلهوڙي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم لاڙڪاڻي لاءِ اربين رپين جو پئڪيج ڏنو هو، جنهن ۾ 12 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جي نگراني پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر ڪري رهي هئي، 12 ارب رپيا فريال ٽالپر، اياز سومرو، شفقت سومرو ۽ اڳوڻي  ڊي سي سميت  ٻيا عملدار هڙپ ڪري ويا آهن.

عدالت اهڙي درخواست تي فريال ٽالپر، اياز سومرو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي نوٽيس جاري ڪندي 12 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*