سنڌ هاءِ ڪورٽ صفورا سانحو ڪيس فوجي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ خلاف سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ صفورا سانحو ڪيس فوجي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ خلاف سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار ٽن جوابدارن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس عرفان سعادت خان جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ صفورا سانحو ڪيس فوجي عدالت منتقل ڪرڻ خلاف سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار نعيم ساجد ۽ قمر سلطان سميت ٽن جوابدارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته صفوران سانحي ۾ مٿن رڳو فنڊنگ ۽ هٿيار ڏيارڻ جو الزام آهي، جڏهن ته قتل ڪرڻ جو ڪوبه الزام نه آهي.

عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي صفورا سانحو ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*